خطبه 4
بيشڪ سهپ سينگار آهي، وفا انسانيت جي تقاضا آ، مائٽن سان ڀلائي نعمت آ، تڪبر بي غيرتي آهي، تڪڙ ناداني آهي، ناداني لاچاري آ، وڌاءُ خطرو آ، ڪمينن جي صحبت برائي آ ۽... Show More >>خطبه 4
بيشڪ سهپ سينگار آهي، وفا انسانيت جي تقاضا آ، مائٽن سان ڀلائي نعمت آ، تڪبر بي غيرتي آهي، تڪڙ ناداني آهي، ناداني لاچاري آ، وڌاءُ خطرو آ، ڪمينن جي صحبت برائي آ ۽ فاسقن جي صحبت تهمت ( جو سبب) آهي.
( ڪشف الغمه)
خطبه 5
(سندن خطبي جو حصو جنهن ۾ پاڻ ماڻهن کي پنهنجي والد سان گڏ جهاد خاطر شام ڏانهن وڃڻ جي دعوت ڏني آهي)
پاڻ اٿي بيٺا، الله جي شايان شان حمد ۽ ثنا بيان ڪيائون پوءِ فرمايائون:
ڪوفي وارو! اوهان ڪريم محب آهيو. اوهان جي محبت دل سان آهي صرف ظاهري ناهي. توهان پنهنجي وچ ۾ ڀڙڪيل باهه وسائڻ ۽ پاڻ تي ڪڙڪيل مشڪلن کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪريو.
سمجهي ڇڏيو ته جنگ جا نتيجا وسيع ۽ ان جو مزو اڻ وڻندڙ هوندو آهي. جيڪو ان مقابلي لاءِ ثمر ڪٺو ڪري، پوري طرح ان لاءِ تيار ٿي وڃي ۽ جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ان جي تڪليفن کي نظر ۾ رکي ته اهو ئي ميدان جو اچڻ کان اڳ تڪڙ ڪري ۽ جنگ شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته اهو پنهنجي قوم کي فائدو ته ڪو به نه پهچائيندو البت پاڻ کي به تباهه ڪندو. اسان الله کان دعا ٿا گهرون ته هو اوهان کي حق ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي همت عطا فرمائي .
( شرح نهج البلاغه ابن ابي الحديد)
خطبه 6
حضرت ابوذر سان سندن گفتگو
(جڏهن عثمان ابن عفان جي حڪم سان حضرت ابوذر غفاريءَ کي جلاوطن ڪري ربذه ڏانهن موڪليو پئي ويو ته امام ع جن فرمايو)
چاچا سائين! جيڪي اوهان تي گذري رهيو آهي الله ان کي بلائڻ جي قدرت رکي ٿو. هر ڏينهن هو نئين شان ۾ آهي.
ماڻهن پنهنجي دنيا اوهان کان بچائي ورتي ۽ اوهان کانئن پنهنجو دين بچايو. جيڪا شيءِ هنن اوهان کان بچائي ان کان اوهان بي نياز آهيو. البت اوهان جنهن شيءِ کان هنن کي محروم ڪيو آهي ان جا هو ڏاڍا محتاج آهن. اوهان الله کان صبر ۽ ڪاميابي جي دعا ڪريو. فرياد ۽ واويلا ڪرڻ کان بچو. ڇو ته صبر دين جو حصو ۽ ڪرامت آهي. لالچ رزق کي قريب آڻي نٿي سگهي ۽ واويلا موت کي ٽاري نٿي سگهي.
( شرح نهج البلاغه ابن ابي الحديد) Show Less >>
Having difficulty playing this video? Click here and let us know.
ShiaTV does not endorse any User Submission or any opinion, recommendation, or advice expressed therein, and ShiaTV expressly disclaims any and all liability in connection with User Submissions.
Comments
Add Comment